بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي ??وٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تع??ون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??يئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي ??ي چيني سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي ??امياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل نظرين ۽ عملي تع??ون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي ??وٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تع??ون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي ??يو ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چين پاڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي م??ادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي م??اسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پارلياماني م??اسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي م??اسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي ??ڏيل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان سان ٻنهي م??ڪن کي ??من ۽ آشتي تي گڏجي ??م ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج