آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موقعي تي وز??راعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وز??راعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئ?? ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر سدير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II