اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(اي?? سي او) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خ??رو آهي پر عالمي سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون اي?? سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چيو ته هن وقت وطن عزيز جنهن نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ??ري سگهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي اي?? سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.
ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي: البرٽ ڊيوڊ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی