اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان جي دوري س??ن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي ف??ڊر??شن جي ف??ڊر??شن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي س??ن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان دوري س??ن پاڪسان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري س??ن علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سي?? يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي س??راهيون ٿا. پاڪستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي س??ح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سي?? يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سينيٽ چيئرمين پارا?? شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.
روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر پاران پاڪستان جي دوري سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد